عبد سنڌي

عبد سنڌي

عبد سنڌي

عبد سنڌي: شاعر عبد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالله ولد عبدالرشيد آهي. سندس جنم 8 جون 1954ع تي ڳوٺ اوڀاڙو، تعلقي سجاول ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول اوڀاڙو، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول ۾ حاصل ڪيائين. بي.ايڊ ۽ ايم.اي جي تعليم پڻ حاصل ڪيائين. 1989ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ سـيـڪريـٽـري سـنـڌي ادبـي سـنگـت سجاول طور ادبي سرگرميون سرانجام ڏنائين. اڃا تائين ساس سان لاڳاپيل آهي. 1992ع کان سجاول ۾ هڪ ميوزيڪل ادارو (لطيف ميوزيڪل ڪلب) سجاول جو بنياد وڌائين، جنهن ڪيترن فنڪارن کي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو. شاعريءَ جي شروعات سرويچ سجاوليءَ، محمد خان مجيدي ۽ ابراهيم منشيءَ جي صحبت ۾ رهي 1986ع کان ڪيائين. سندس هڪ ڪتاب ‘سڏڪا سڏڪا سنڌ’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ شاعري اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ‘شاهه جي رسالي’ جي پارکو هئڻ سان گڏ موسيقيءَ جو به ڄاڻو آهي. گائڪي به ڪندو آهي. رهائش ضلعي سجاول ۾ اٿس.


لفظ عبد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.08  عيسوي

شاعر عبد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالله ولد عبدالرشيد آهي. سندس جنم 8 جون 1954ع تي ڳوٺ اوڀاڙو، تعلقي سجاول ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زين العابدين ٺٽوي سيد
سلطان شاهه:
پريم پتافي
عبدالستارآڪاش ٽکڙائي
راز بلڙائي
شيخ رحمت الله ٺٽوي
بلبل رئيس شمس الدين
ڀٽو محمد يوسف
پلي شمس الدين
پراڻناٿ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون